مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خدا جي شاهديءَ کي لڪائڻ ظلم آهي

اَمۡ تَقُوۡلُوۡنَ اِنَّ اِبۡرٰہٖمَ وَ اِسۡمٰعِیۡلَ وَ اِسۡحٰقَ وَ یَعۡقُوۡبَ وَ الۡاَسۡبَاطَ کَانُوۡا ہُوۡدًا اَوۡ نَصٰرٰی ؕ قُلۡ ءَاَنۡتُمۡ اَعۡلَمُ اَمِ اللّٰہُ ؕ وَ مَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنۡ کَتَمَ شَہَادَۃً عِنۡدَہٗ مِنَ اللّٰہِ ؕ وَ مَا اللّٰہُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۴۰﴾ (البقره: ۱۴۰)

(١٤٠) يا توهان هيئن ٿا چئو ڇا ته حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق، حضرت يعقوب ۽ حضرت يعقوب جو اولاد يهودي ۽ نصراني هئا؟ ( اي پيغمبر!) تون هنن کان پڇ ته توهان وڌيڪ ڄاڻڻ وارا آهيو يا الله؟ (جيڪڏهن الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ته سندس شاهدي اوهان جي خلاف اوهان جي ڪتاب ۾ موجود آهي) پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي انهيءَ کان جو خدا جي شاهدي لڪائي؟ ۽ الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان هرگز غافل ناهي. (هو ضرور اوهان کي تباهه ڪندو).