مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

بنا تڪبير ذبح ٿيل جانورن جو گوشت نه کائو

وَ لَا تَاۡکُلُوۡا مِمَّا لَمۡ یُذۡکَرِ اسۡمُ اللّٰہِ عَلَیۡہِ وَ اِنَّہٗ لَفِسۡقٌ ؕ وَ اِنَّ الشَّیٰطِیۡنَ لَیُوۡحُوۡنَ اِلٰۤی اَوۡلِیٰٓئِہِمۡ لِیُجَادِلُوۡکُمۡ ۚ وَ اِنۡ اَطَعۡتُمُوۡہُمۡ اِنَّکُمۡ لَمُشۡرِکُوۡنَ ﴿۱۲۱﴾٪ (الانعام: ۱۲۱)

(١٢١) ۽ جنهن جانور تي خدا جو نالو نه ورتو ويو آهي، تنهن جو گوشت نه کائو. ان مان کائڻ بيشڪ نافرماني آهي. ۽ (ڏسو) شيطان ته پنهنجي ساٿين جي دلين ۾ وسوسا وجهندا رهن ٿا، انهيءَ لاءِ ته توهان سان ڪج بحثي ڪن (يعني ڏنگا ڦڏا دليل ڏين) جيڪڏهن توهان انهن جو چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهو ته توهان شرڪ ڪرڻ وارن سان ٿي پيؤ.