مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قرآن جي تلاوت جو حڪم

اُتۡلُ مَاۤ اُوۡحِیَ اِلَیۡکَ مِنَ الۡکِتٰبِ وَ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ ؕ اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لَذِکۡرُ اللّٰہِ اَکۡبَرُ ؕ وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ مَا تَصۡنَعُوۡنَ ﴿۴۵﴾
(العنڪبوت: ۴۵)

(٤٥) (اي پيغمبر!) هيءُ ڪتاب جو توڏي وحي جي رستي موڪليو ويوآهي، سو پڙهه (۽ ٻين کي به پڙهي ٻڌاءِ) ۽ نماز قائم ڪر، (پاڻ به نماز جو پابند ٿي ۽ ٻين مسلمانن کي به جماعت سان نماز پڙهڻ جو حڪم ڪر) يقيناً نماز بي شرميءَ جي ڪمن کان ۽ ٻين برن ۽ بي انصافيءَ جي ڪمن کان روڪي ٿي، ۽ الله تعاليٰ جي يادگيري (هر وقت رکڻ ۽ سندس حڪمن تي هر حال ۾ هلڻ) سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ الله تعاليٰ کي معلوم آهي.