نيڪ عملي جي واٽ
(النساء: ۳۶)
(٣٦) ۽ (خبردار!) الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ ڪنهن به شيءِ کي ساڻس شريڪ نه ڪيو ۽ اوهان کي گهرجي ته ماءُ پيءُ سان، مائٽن سان، يتيمن ۽ مسڪينن سان، پاڙيسرين سان، اهي پاڙيسري مائٽ هجن توڙي ڌاريا هجن، (مسافريءَ ۾ يا هونئن) ۽ ڀرسان ويٺل سنگتين سان، مسافرن سان ۽ انهن سان جي توهان جي قبضي يا زيردستيءَ ۾ آهن، انهن سڀني سان احسان (خير خواهي ۽ مددگاري) ڪندا رهو. الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي آڪڙيل ۽ ٻٽاڪي آهن.