يتيمن جي سنڀال ۽ مسڪينن کي کارائڻ جو انعام
(١٥) (اصل ۾ انسان خدائي قانونن ۽ ان جي عمل ۾ اچڻ جي طريقي کان اڻ واقفيت رکي ٿو. ان ڪري) انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته، (مغروري ۽ فخر ۾) هو چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني. (١٦) ۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته، چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. (حالانڪ اهو سڀ ڪجهه خدا جي مقرر قانونن جي نتيجي ۾ عمل پذير ٿئي ٿو.) (١٧) ائين نه آهي (جو خدا ڪنهن کي هروڀرو خوار ڪري) پر اوهين (ڌرتيءَ تي پرگهور جي لائق) يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو. (١٨) ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي (ضرورتمند) مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا.