وات چواڻي سان ڪا به عورت ماءُ ۽ ڪو به ڇوڪرو پٽ نه ٿو بڻجي سگهي
(الاحزاب: ۴، ۵)
(٤) الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون ڪونه رکيون آهن، نڪي الله تعاليٰ توهان جي زالن کي جن سان توهان اظهار ٿا ڪيو توهان جون مائر بنائي ڇڏيو آهي، نڪي انهن کي اوهان جو پٽ بنايو اٿس جن کي توها پٽ ڪري نپايو آهي (يا ڌيئرن جو پٽ يا گود جو پٽ ڪري سڏيو آهي) اهي توهان جي وات جون (بي معنيٰ) ڳالهيون آهن. پر الله تعاليٰ سچي حقيقت ٿو ٻڌائي ۽ هو سڌو سنئون رستو ٿو ڏيکاري. (٥) انهن (دين جي ڀائرن يا پٽن کي يا ٻانهن) کي سندن پيءُ جي نالن سان سڏيو. اها ڳالهه الله وٽ زياده انصاف واري آهي. پر جيڪڏهن توهان کي سندن ابن جا نالا معلوم نه هجن ته پوءِ هو توهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن. پر جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ اوهان کان ڀل چڪ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان تي ڪوبه ڏوهه ڪونهي، پر گناهه هن ۾ آهي جو توهان دل جي ارادي سان ائين ڪيو ۽ (ڀل چڪ جي حالت ۾) الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي.