مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

گمان، جاسوسي ۽ غيبت کان بچو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اجۡتَنِبُوۡا کَثِیۡرًا مِّنَ الظَّنِّ ۫ اِنَّ بَعۡضَ الظَّنِّ اِثۡمٌ وَّ لَا تَجَسَّسُوۡا وَ لَا یَغۡتَبۡ بَّعۡضُکُمۡ بَعۡضًا ؕ اَیُحِبُّ اَحَدُکُمۡ اَنۡ یَّاۡکُلَ لَحۡمَ اَخِیۡہِ مَیۡتًا فَکَرِہۡتُمُوۡہُ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ تَوَّابٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۲﴾ (الحجرات: ۱۲)

(١٢) اي مؤمنؤ! اڪثر گمانن کان پري رهو. بيشڪ ڪي گمان گناهه جي برابر آهن. ۽ جاسوسي نه ڪيو (يعني لڪي ڇپي ٻين جا احوال معلوم نه ڪيو. نه ڪي پراوا خط پٽ پڙهو) ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين جي پرپٺ گلا نه ڪن. (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ) توهان ۾ ڪوبه اهڙو آهي ڇا جو پسند ٿو ڪري ته، پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ توهان ته ان کان سخت نفرت ڪندا آهيو (پوءِ پرپٺ گلا ڪرڻ کان ڇو نٿا نفرت ڪيو). خدا کان ڊڄو (۽ باز اچو) بيشڪ خدا باز اچڻ وارن جي توبه قبول ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.