مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

رضاعت (کير پيارڻ) جا حڪم

وَ الۡوَالِدٰتُ یُرۡضِعۡنَ اَوۡلَادَہُنَّ حَوۡلَیۡنِ کَامِلَیۡنِ لِمَنۡ اَرَادَ اَنۡ یُّتِمَّ الرَّضَاعَۃَ ؕ وَ عَلَی الۡمَوۡلُوۡدِ لَہٗ رِزۡقُہُنَّ وَ کِسۡوَتُہُنَّ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ؕلَا تُکَلَّفُ نَفۡسٌ اِلَّا وُسۡعَہَا ۚ لَا تُضَآرَّ وَالِدَۃٌۢ بِوَلَدِہَا وَ لَا مَوۡلُوۡدٌ لَّہٗ بِوَلَدِہٖ ٭ وَ عَلَی الۡوَارِثِ مِثۡلُ ذٰلِکَ ۚ فَاِنۡ اَرَادَا فِصَالًا عَنۡ تَرَاضٍ مِّنۡہُمَا وَ تَشَاوُرٍ فَلَا جُنَاحَ عَلَیۡہِمَا ؕ وَ اِنۡ اَرَدۡتُّمۡ اَنۡ تَسۡتَرۡضِعُوۡۤا اَوۡلَادَکُمۡ فَلَا جُنَاحَ عَلَیۡکُمۡ اِذَا سَلَّمۡتُمۡ مَّاۤ اٰتَیۡتُمۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۲۳۳﴾ (البقره: ۲۳۳)

(٢٣٣) ۽ (جيڪڏهن طلاق ڏنل عورت کي ٻار ڄاول هجي) ته ٻار کي پورا ٻه سال ٿڃ پياري، ٻار جي انهيءَ پيءُ تي لازم آهي ته انهيءَ عرصي لاءِ ٻار جي ماءُ کي کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو مناسب طرح ڏئي. ڪنهن به شخص کي سندس وسعت کان وڌيڪ تڪليف ڏيڻي ناهي، نه ماءُ کي سندس ٻچي سببان ڪو نقصان پهچايو وڃي، نه پيءُ کي انهي ٻچي سببان. پر جيڪڏهن والد فوت ٿي وڃي ته سندس وارث انهيءَ عورت جي کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي وغيره جو اهڙيءَ طرح انتظام رکي جهڙيءَ طرح پيءُ کي مناسب آهي، پر جيڪڏهن ٻئي پيءُ ۽ ماءُ پاڻ ۾ راضي ٿي صلاح مصلحت سان ٿڃ (مدت کان اڳي) ڇڏِرائين ته پوءِ مٿن گناهه ڪونهي ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پنهنجي ٻچن لاءِ ڪنهن ٻي عورت جي ٿڃ جو انتظام ڪيو ته ان ۾ به اوهان تي ڪو گناهه ڪونهي، بشرطيڪ جيڪي ماءُ کي ڏيڻو ڪيو هو سو دستور موجب انصاف سان ان جي حوالي ڪيو. (وڏي ڳالهه هيءُ آهي ته هر حال ۾) الله تعاليٰ جو خوف رکو ۽ يقين ڪيو ته جيڪي به توهان ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو پيو.