في جي مال جي تقسيم
(٧) جيڪو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي بستين مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ ان ۾ کپجندڙن جي) قرابت وارن ۽ يتيمن، مسڪينن (ته جيئن انهن جي پرگهور ٿئي) ۽ مسافرن لاءِ آهي (جيڪي مدد جا محتاج هجن) ، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (٨) (ان مال مان) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، (۽) هو الله (جي قانون تي هلي ان) جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا آهن (جن پنهنجي ايمان واري دعويٰ کي پنهنجي قربانين سان سچو ڪري ڏيکاريو آهي.)