مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

انصاف جا قانون خدا جا مڃيو

اَفَغَیۡرَ اللّٰہِ اَبۡتَغِیۡ حَکَمًا وَّ ہُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ اِلَیۡکُمُ الۡکِتٰبَ مُفَصَّلًا (الانعام: ۱۱۴)
(١١٤) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان پڇ ته) ڇا (توهان هي ٿا چاهيو ته) مان (اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾) فيصلو ڪرڻ لاءِ خدا کان سواءِ ٻيو جج ڳوليان؟ حالانڪ اهوئي آهي جنهن اوهان تي هي ڪتاب نازل ڪيو آهي. جو کولي کولي (ڳالهيون) ٻڌائڻ وارو آهي
****
وَ اَنۡزَلۡنَاۤ اِلَیۡکَ الۡکِتٰبَ بِالۡحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَیۡنَ یَدَیۡہِ مِنَ الۡکِتٰبِ وَ مُہَیۡمِنًا عَلَیۡہِ فَاحۡکُمۡ بَیۡنَہُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ وَ لَا تَتَّبِعۡ اَہۡوَآءَہُمۡ عَمَّا جَآءَکَ مِنَ الۡحَقِّ
(المائده: ۴۸)
۽ (اي پيغمبر اهڙيءَ طرح) اسان توڏي سچائيءَ سان ڀريل ڪتاب موڪليو جو انهن ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪي اڳ ئي موجود آهن ۽ انهن تي نگهبان آهي، تنهن ڪري تون خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر، ۽ جيڪا سچائي تو وٽ اچي چڪي آهي، تنهن کي ڇڏي ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ.
****
وَ اَنِ احۡکُمۡ بَیۡنَہُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ وَ لَا تَتَّبِعۡ اَہۡوَآءَہُمۡ وَ احۡذَرۡہُمۡ اَنۡ یَّفۡتِنُوۡکَ
عَنۡۢ بَعۡضِ مَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ اِلَیۡکَ (المائده: ۴۹)
۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي حڪم ڏنو ته جيڪي الله تعاليٰ تو تي نازل ڪيو آهي تنهن مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر ۽ هنن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ پڻ هنن بنسبت خبردار رهه، جو ائين نه ٿئي ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي، تنهن جي ڪنهن به حڪم (جي تعميل) ۾ تنهنجا قدم هو هٽائي ڇڏين.
****
وَ مَا اخۡتَلَفۡتُمۡ فِیۡہِ مِنۡ شَیۡءٍ فَحُکۡمُہٗۤ اِلَی اللّٰہِ (الشوريٰ: ۱۰)
۽ جنهن ڳالهه بابت توهان هڪ ٻئي سان اختلاف رکو ٿا تنهن جو فيصلو الله وٽ ٿيڻو آهي (پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو).