مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

زڪوات جا مصارف

اِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلۡفُقَرَآءِ وَ الۡمَسٰکِیۡنِ وَ الۡعٰمِلِیۡنَ عَلَیۡہَا وَ الۡمُؤَلَّفَۃِ قُلُوۡبُہُمۡ وَ فِی الرِّقَابِ وَ الۡغٰرِمِیۡنَ وَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ ابۡنِ السَّبِیۡلِ ؕ فَرِیۡضَۃً مِّنَ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ عَلِیۡمٌ حَکِیۡمٌ ﴿۶۰﴾ (التوبه: ۶۰)

(٦٠) صدقي جو مال (يعني زڪوٰت جو مال) فقط فقيرن (نادارن) لاءِ ۽ مسڪينن لاءِ ۽ انهن (ڪامورن) لاءِ جي ان جي وصولي لاءِ مقرر ڪيا وڃن، ۽ انهن لاءِ جن جي دلين ۾ (حق جي ڪلمي جي) الفت (شوق محبت) پيدا ڪرڻي آهي (مثلاً تبليغ ڪرڻ سان). ۽ انهن لاءِ جن جا گَردن (غلاميءَ جي زنجيرن ۾) جڪڙيل آهن (۽ انهن کي آزاد ڪرائڻو آهي) ۽ پڻ قرضدارن جي لاءِ (جي قرض ۾ پورجي ويا هجن ۽ قرض لاهڻ جي طاقت ڪانه اٿن) ۽ الله جي راهه ۾ (يعني جهاد لاءِ ۽ انهن سڀني ڪمن لاءِ جي جهاد وانگر حق جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ لاءِ هجن) ۽ مسافرن لاءِ (جي مفلس هجن ۽ گهر پهچي نه سگهن) آهي. اهو الله جي طرف کان ٺهرايل حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.