ايمان وارين مهاجر عورتن جو حڪم
(١٠) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان وٽ ايمان واريون زالون لڏي اچن ته انهن (جي ايمان) کي جاچيو، الله ته انهن جي ايمان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي، (پر اوهان جي لاءِ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي). پوءِ جيڪڏهن (تحقيق مان) اوهان کي معلوم ٿئي ته اهي ايمان واريون آهن ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو، نه اهي (مسلمان زالون) انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اهي (ڪافر مرد) هنن لاءِ حلال ٿيندا. ۽ جو ڪجهه انهن (ڪافر مردن شاديءَ جي سلسلي ۾) خرچ ڪيو هجي سو کين موٽائي ڏيو ۽ (بعد ۾) اوهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪجهه به گناهه نه آهي، جڏهن جو اوهين کين سندن مهر ڏيو ۽ ڪافر زالن (جن ايمان نه آندو آهي تن) جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو ۽ جيڪو اوهان (شاديءَ جي سلسلي ۾) خرچ ڪيو هجي سو گهري وٺو ۽ جو انهن (ڪافرن) خرچ ڪيو هجي (زالن جي مسلمان ٿي لڏي اچڻ تي) سو اهي گهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي، الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو ۽ (اختلافي معاملا ان جي حڪمن مطابق حل ڪيو، ڇاڪاڻ ته) الله علم (۽) حڪمت وارو آهي.