مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خدائي پرچار جو حڪم

یٰۤاَیُّہَا الۡمُدَّثِّرُ ۙ﴿۱﴾ قُمۡ فَاَنۡذِرۡ ۪ۙ﴿۲﴾ وَ رَبَّکَ فَکَبِّرۡ ۪﴿ۙ۳﴾ وَ ثِیَابَکَ فَطَہِّرۡ ۪﴿ۙ۴﴾ وَ الرُّجۡزَ فَاہۡجُرۡ ۪﴿ۙ۵﴾ وَ لَا تَمۡنُنۡ تَسۡتَکۡثِرُ ۪﴿ۙ۶﴾ وَ لِرَبِّکَ فَاصۡبِرۡ ؕ﴿۷﴾ (المدثر: ۱ کان ۷)

(١) اي (نبوت جي لباس ۾) ويڙهجڻ وارا. (٢) اٿي! پوءِ (خدا کان ڀليل ماڻهن کي زندگيءَ جي غلط طريقي تي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار. (٣) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام) جي عظمت (۽ ضرورت) بيان ڪر. (٤) ۽ (ظاهري ۽ باطني يعني اخلاقن واري) پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک. (٥) ۽ گند (۽ گندي بيڪار ماڻهن) کان پري رهه. (٦) ۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (ان جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي. (٧) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ ڏکيائين تي ثابت قدم رهڻ) لاءِ صبر ڪر.