مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جنت جي طرف ڊوڙيو

وَ سَارِعُوۡۤا اِلٰی مَغۡفِرَۃٍ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ وَ جَنَّۃٍ عَرۡضُہَا السَّمٰوٰتُ وَ الۡاَرۡضُ ۙ
اُعِدَّتۡ لِلۡمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۳۳﴾ۙ (آل عمران: ۱۳۳)

(١٣٣) پنهنجي پروردگار جي مغفرت (بخشائش) ڏانهن تڪڙا ڊوڙو ۽ پڻ انهيءَ جنت ڏانهن ڊوڙو جنهن جي پکيڙ ايڏي آهي جيڏي آسمانن ۽ زمينن جي (يعني سڄي ڪائنات جي) ۽ جا جنت متقي انسانن لاءِ تيار رکي آهي.