حقدارن کي حق ڏيڻ جو حڪم
(٣٨) پوءِ (جڏهن ته رزق خدا جو آهي نه اوهان جو، تڏهن خدا جي حڪم موجب) مائٽن کي، مسڪينن کي ۽ واٽهڙو مسافرن کي سندن حق ڏيو ۽ (ياد رکو ته) ائين ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏي بهتري آهي جيڪي الله جي راضپي جي طلب رکن ٿا ۽ يقيناً اهي ئي ماڻهو (دنيا توڙي آخرت ۾) ڪامياب ۽ آسودا رهندا.