مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

رسول ڪريم جي مجلس جا ادب

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُقَدِّمُوۡا بَیۡنَ یَدَیِ اللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ سَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۱﴾ یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَرۡفَعُوۡۤا اَصۡوَاتَکُمۡ فَوۡقَ صَوۡتِ النَّبِیِّ وَ لَا تَجۡہَرُوۡا لَہٗ بِالۡقَوۡلِ کَجَہۡرِ بَعۡضِکُمۡ لِبَعۡضٍ اَنۡ تَحۡبَطَ اَعۡمَالُکُمۡ وَ اَنۡتُمۡ لَا تَشۡعُرُوۡنَ ﴿۲﴾ اِنَّ الَّذِیۡنَ یَغُضُّوۡنَ اَصۡوَاتَہُمۡ عِنۡدَ رَسُوۡلِ اللّٰہِ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ امۡتَحَنَ اللّٰہُ قُلُوۡبَہُمۡ لِلتَّقۡوٰی ؕ لَہُمۡ مَّغۡفِرَۃٌ وَّ اَجۡرٌ عَظِیۡمٌ ﴿۳﴾ اِنَّ الَّذِیۡنَ یُنَادُوۡنَکَ مِنۡ وَّرَآءِ الۡحُجُرٰتِ اَکۡثَرُہُمۡ لَا یَعۡقِلُوۡنَ ﴿۴﴾ وَ لَوۡ اَنَّہُمۡ صَبَرُوۡا حَتّٰی تَخۡرُجَ اِلَیۡہِمۡ لَکَانَ خَیۡرًا لَّہُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۵﴾ (الحجرات: ۱ کان ۵)

(١) اي مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول کان اڳي نه وَڌو ۽ اڳ نه وٺو ۽ الله کان ڊڄو جو (سندس) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تنهن ڪري سندس سڀني حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي مصيبتن کان بچايو ۽ هر طرح خوشحال ٿيو. (٢) اي مؤمنؤ! (ڳالهائڻ مهل) پنهنجا آواز رسولﷺ جي آواز کان مٿي نه ڪيو ۽ ساڻس (ڳالهائڻ مهل) زور سان (يا جوش سان) نه ڳالهايو، جيئن توهان هڪ ٻئي سان زور سان ڳالهائيندا آهيو. (ساڻس زور سان نه ڳالهايو ته) متان توهان جا (چڱا) عمل به برباد ٿي نه وڃن ۽ توهان کي خبر به ڪانه پوي. (سو آئينده لاءِ خبردار ٿيو). (٣) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي رسول (ﷺ) جي اڳيان پنهنجي آواز کي نرم ۽ جهيڻو رکن ٿا سي ئي آهن جن جون دليون الله تعاليٰ پرهيزگاريءَ جي امتحان ۾ پاس ڪري ڇڏيون آهن. انهن جي لاءِ بخشش آهي ۽ وڏي ۾ وڏو اجر آهي. (٤) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي توکي (اي پيغمبر تنهنجي) حجرن جي ٻاهران وڏي واڪي سڏ ڪن ٿا تن مان گهڻا بي سمجهه ۽ بي وقوف آهن. (٥) جيستائين تون پاڻ انهن ڏي نڪري اچين تيستائن هو صبر ڪن ها ته هنن لاءِ وڏي چڱائي ٿئي ها، ۽ الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي.