بنا اجازت ٻين جي گهرن ۾ داخل نه ٿيو
(٢٧) اي مؤمنؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ بنا اجازت جي ۽ بنا السلام عليڪم چوڻ جي نه گهڙو. ائين ڪرڻ (يعني سلام ورائڻ ۽ اجازت گهرڻ) توهان جي لاءِ ئي تمام چڱو آهي، عجب ناهي ۽ ممڪن آهي ته توهان (ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻ سان) هدايت واري واٽ وٺندؤ (۽ خراب خيالن کان بچندؤ).
****
فَاِنۡ لَّمۡ تَجِدُوۡا فِیۡہَاۤ اَحَدًا فَلَا تَدۡخُلُوۡہَا حَتّٰی یُؤۡذَنَ لَکُمۡ ۚ وَ اِنۡ قِیۡلَ لَکُمُ ارۡجِعُوۡا فَارۡجِعُوۡا ہُوَ اَزۡکٰی لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿۲۸﴾ (النور: ۲۸)
(٢٨) جيڪڏهن سمجهو ته گهر ۾ ڪوبه ڪونهي ته به جيستائين اجازت نه ملي تيستائين گهر ۾ اندر نه وڃو. ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته، موٽي وڃو ته (بلڪل رنج نه ٿيو، خوشيءِ سان) واپس هليا وڃو. اها ڳالهه توهان جي ئي لاءِ بهتر آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سڀ خدا کي خبر آهي.