مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خواهشن جي پيروي نه ڪريو ۽ عدل هٿان نه وڃايو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ وَ لَوۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِکُمۡ اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ اِنۡ یَّکُنۡ غَنِیًّا اَوۡ فَقِیۡرًا فَاللّٰہُ اَوۡلٰی بِہِمَا ۟ فَلَا تَتَّبِعُوا الۡہَوٰۤی اَنۡ تَعۡدِلُوۡا ۚ وَ اِنۡ تَلۡوٗۤا اَوۡ تُعۡرِضُوۡا فَاِنَّ اللّٰہَ کَانَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ خَبِیۡرًا ﴿۱۳۵﴾
(النساء: ۱۳۵)

(١٣٥) مؤمنؤ! انصاف تي پوري مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ الله جي واسطي (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو. اگرچه اها (سچي) شاهدي خود توهان جي خلاف يا اوهان جي پيءُ ماءُ ۽ ويجهن مائٽن جي خلاف هجي (ته به سچي شاهدي ڏيڻ کان نه ڪيٻايو) جيڪو ڪو شاهوڪار آهي يا مسڪين آهي ته الله (اوهان کان) وڌيڪ انهن تي مهربان آهي) (توهان کي ائين ڪرڻو ناهي جو دولتمند جي دولت ۾ لالچ رکي يا مسڪين جي حال تي رحم کائي سچي ڳالهه ڪرڻ کان هٽي وڃو) پوءِ خبردار ائين نه ٿئي جو نفساني خواهشن جي ڪري انصاف کان هٽي وڃو ۽ جيڪڏهن توهان (شاهدي ڏيڻ ۾) آڏيون ڦڏيون ڳالهيون يا شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته (ياد رکو) ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي.
****

وَ لَا یَجۡرِمَنَّکُمۡ شَنَاٰنُ قَوۡمٍ عَلٰۤی اَلَّا تَعۡدِلُوۡا (المائده: ۸)

۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو ڪن ماڻهن جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه لاءِ اڀاري ته توهان (ساڻن) انصاف نه ڪيو.
****

یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلۡنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الۡاَرۡضِ فَاحۡکُمۡ بَیۡنَ النَّاسِ بِالۡحَقِّ وَ لَا تَتَّبِعِ الۡہَوٰی فَیُضِلَّکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ؕ اِنَّ الَّذِیۡنَ یَضِلُّوۡنَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ لَہُمۡ عَذَابٌ شَدِیۡدٌۢ بِمَا نَسُوۡا یَوۡمَ الۡحِسَابِ ﴿٪۲۶﴾ (صٓ: ۲۶)

اي دائود! اسان توکي زمين تي بادشاهي ڏني آهي، سو ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪندو ڪر ۽ (پنهنجي دل جي) خواهش تي نه لڳجانءِ. جو اهي خواهشون توکي الله جي واٽ کان ڀڙڪائي هٽائي ڇڏينديون. يقين آهي جيڪي خدا جي واٽ کان هٽي ٿا وڃن تن جي لاءِ سخت ۾ سخت عذاب آهي، جو هنن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو آهي.
****

فَخَلَفَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ خَلۡفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ وَ اتَّبَعُوا الشَّہَوٰتِ فَسَوۡفَ
یَلۡقَوۡنَ غَیًّا ﴿ۙ۵۹﴾ (مريم: ۵۹)

(٥٩) پر انهن کان پوءِ اهڙا ناخلف (نڀاڳا) سندن جانشين ٿيا جن نماز (جي حقيقت) ضايع ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان پئجي ويا. سو (ڏسندؤ ته) جلد سندن سرڪشي سندن آڏو ايندي.
****

فَاِنۡ لَّمۡ یَسۡتَجِیۡبُوۡا لَکَ فَاعۡلَمۡ اَنَّمَا یَتَّبِعُوۡنَ اَہۡوَآءَہُمۡ ؕ وَ مَنۡ اَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ ہَوٰىہُ بِغَیۡرِ ہُدًی مِّنَ اللّٰہِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یَہۡدِی الۡقَوۡمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿٪۵۰﴾ (القصص: ۵۰)

(٥٠) پوءِ به جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهه نه مڃين ته يقين ڄاڻو ته هو رڳو پنهنجي (نفساني) خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن، ۽ ڪير وڌيڪ گمراهه ٿي سگهي ٿو انهيءَ شخص کان جو الله وٽان مليل هدايت کي ڇڏي پنهنجي نفساني خواهش جي پيروي ٿو ڪري؟ بيشڪ الله تعاليٰ ظالم ماڻهن کي سڌيءَ واٽ تي نٿو لڳائي.