برائي کي ڀلائي سان دفع ڪرڻ ۽ شيطاني وسوسن کان الله جي پناهه گهرڻ
(٩٦) (اي پيغمبر!) برائي کي (برائيءَ سان نه پر) اهڙي طرز جي حڪمت عمليءَ سان دفع ڪر جا بهترين طرز هجي (يا معافي ڏيڻ سان يا ڪنهن ٻئي سهڻي طريقي سان). اسان انهن ڳالهين کان بي خبر نه آهيون جي ڳالهيون هي ماڻهو تنهنجي متعلق چوندا رهن ٿا. (٩٧) ۽ (اسان جي حضور ۾) هيءَ دعا گهر ته اي منهنجا رب! مان شيطاني وسوسن کان تنهنجي دامن ۾ پناهه ٿو وٺان. (٩٨) ۽ اي منهنجا رب! مان هن ڳالهه کان به (تنهنجي) پناهه ٿو گهران ته اهي وسوسا مون وٽ اچن (يعني التجا ٿو ڪريان ته وسوسا مون وٽ اچن ئي نه).
****
وَ لَا تَسۡتَوِی الۡحَسَنَۃُ وَ لَا السَّیِّئَۃُ ؕ اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ ﴿۳۴﴾ (حم السجدة: ۳۴)
(٣٤) ۽ (ياد رکو ته) نيڪي ۽ بدي هرگز برابر ناهن. (سو اي پيغمبر!) تون (بدي ۽ برائيءَ کي) انهيءَ طريقي سان دفع ڪر جو بهترين طريقو هجي. پوءِ نتيجو هي ٿيندو جو جنهن (بري) شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي يا دشمني هئي سو اهڙو ته ٿي پوندو جو ڄڻ ته هو گهرو ۽ گهاٽو دوست آهي.
****
وَ اِمَّا یَنۡزَغَنَّکَ مِنَ الشَّیۡطٰنِ نَزۡغٌ فَاسۡتَعِذۡ بِاللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ سَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۲۰۰﴾
(الاعراف: ۲۰۰)
(٢٠٠) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان ڪو (خراب) وسوسو تون محسوس ڪرين ته الله جي طرف متوجهه ٿي وڃ ۽ سندس پناهه گهر. بيشڪ هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.