مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

عدت جا مسئلا

وَ الِّٰٓیۡٔ یَئِسۡنَ مِنَ الۡمَحِیۡضِ مِنۡ نِّسَآئِکُمۡ اِنِ ارۡتَبۡتُمۡ فَعِدَّتُہُنَّ ثَلٰثَۃُ اَشۡہُرٍ ۙ وَّ الِّٰٓیۡٔ لَمۡ یَحِضۡنَ ؕ وَ اُولَاتُ الۡاَحۡمَالِ اَجَلُہُنَّ اَنۡ یَّضَعۡنَ حَمۡلَہُنَّ ؕ وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّہٗ مِنۡ اَمۡرِہٖ یُسۡرًا ﴿۴﴾ ذٰلِکَ اَمۡرُ اللّٰہِ اَنۡزَلَہٗۤ اِلَیۡکُمۡ ؕ وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یُکَفِّرۡ عَنۡہُ سَیِّاٰتِہٖ وَ یُعۡظِمۡ لَہٗۤ اَجۡرًا ﴿۵﴾ (الطلاق: ۴، ۵)

(٤) ۽ جيڪي اوهان جي زالن مان حيض اچڻ کان نااميد ٿيون هجن (تن جي عدت بابت) جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو ته سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ ( (اهڙيءَ طرح) اهي زالون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا شمار ڪريو) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جيڪو الله (جي قانونن تي هلي ان) جو لحاظ رکندو ته الله سندس ڪم کي آسان ڪري ڇڏيندو. (٥) اهو الله جو حڪم آهي ان کي اوهان جي طرف نازل ڪيو اٿس. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان (ڪم ۾ پيش ايندڙ ڏکيائيون ۽ مدايون ان کان پري ڪندو ۽ ان کي وڏو اجر ڏيندو.