مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قسمن کي دغابازيءَ جو بهانو نه بڻايو

وَ لَا تَتَّخِذُوۡۤا اَیۡمَانَکُمۡ دَخَلًۢا بَیۡنَکُمۡ فَتَزِلَّ قَدَمٌۢ بَعۡدَ ثُبُوۡتِہَا وَ تَذُوۡقُوا السُّوۡٓءَ بِمَا صَدَدۡتُّمۡ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۚ وَ لَکُمۡ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿۹۴﴾ (النحل: ۹۴)

(٩٤) ۽ هڪ ٻئي جي معاملن ۾ پنهنجي قسمن کي مڪر ۽ فريب جو ذريعو نه بنايو، جو ماڻهن جا قدم ڄمي بيهڻ ۽ کپي وڃڻ بعد وري اکڙي وڃن، ۽ هن ڳالهه جي بدلي ۾ جو توهان ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪيو توهان کي برن نتيجن جو برو ذائقو چکڻو پوي ۽ آخرڪار توهان هڪ وڏي عذاب جا لائق ٿي وڃو.