پنهنجي ذات کان غافل نه بڻجو
(١٠٥) مؤمنؤ! (ياد رکو) توهان تي فقط پنهنجي جان جي ذميواري آهي. (نڪي توهان ٻين جي ڪمن جا ذميوار آهيو نڪي ٻيا اوهان جي ڪمن جا) جيڪڏهن اوهان پاڻ سڌي رستي تي قائم رهندؤ ته ڪنهن ٻئي جو گمراهه هجڻ اوهان کي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندو (۽ آخر) اوهان سڀني کي الله ئي جي طرف موٽڻو آهي ۽ (انهيءَ ڏينهن) هو اوهان کي ٻڌائيندو ته اوهان ڪهڙا ڪهڙا ڪم (هن دنيا ۾) ڪيا.