ماپ تور پوري ڪريو
اَحۡسَنُ تَاۡوِیۡلًا ﴿۳۵﴾ (بني اسرائيل: ۳۵)
(٣٥) ۽ جڏهن ڪا شيءِ ماپيو ته بلڪل پوري ماپ ڪيو، (ان ۾ گهٽتائي نه ڪيو) ۽ جڏهن توريو تڏهن سچي ۽ سڌي تارازي سان توريو (يعني نڪي تارازي غلط هجي نڪي تورڻ ۾ ڪا هٿ جي چالاڪي ڪجي) اهوئي بهتر طريقو آهي ۽ چڱو نتيجو ڏيڻ وارو آهي.
****
وَ السَّمَآءَ رَفَعَہَا وَ وَضَعَ الۡمِیۡزَانَ ۙ﴿۷﴾ اَلَّا تَطۡغَوۡا فِی الۡمِیۡزَانِ ﴿۸﴾ وَ اَقِیۡمُوا الۡوَزۡنَ بِالۡقِسۡطِ وَ لَا تُخۡسِرُوا الۡمِیۡزَانَ ﴿۹﴾ (الرحمـٰن: ۷ کان ۹)
(٧) ۽ آسمان کي هن ئي بلند ڪيو آهي، ۽ (قانون عدل ۽ اعتدال جي) تارازي بيهاري اٿس. (٨) انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو. (٩) ۽ (اي انسانو! هڪ ٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو.