ڪافرن ڏانهن ويندڙ عورت جي مڙسن لاءِ حڪم
(الممتحنه: ۱۱)
(١١) ۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏي وڃي (۽ اهي شاديءَ جا خرچ ادا نه ڪن ته) پوءِ اوهان جي سزا ڏيڻ جو وارو اچي (۽ مال غنيمت ملي) ته جن جون زالون ويون هجن انهن کي (ان مان) ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو هجي، ۽ (ڏسو زياتي نه ڪجو) ان الله کان ڊڄو جنهن کي اوهين مڃيو ٿا.