مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪم عقل يتيمن کي انهن جو مال نه ڏيو

وَ لَا تُؤۡتُوا السُّفَہَآءَ اَمۡوَالَکُمُ الَّتِیۡ جَعَلَ اللّٰہُ لَکُمۡ قِیٰمًا وَّ ارۡزُقُوۡہُمۡ فِیۡہَا وَ اکۡسُوۡہُمۡ وَ قُوۡلُوۡا لَہُمۡ قَوۡلًا مَّعۡرُوۡفًا ﴿۵﴾ وَ ابۡتَلُوا الۡیَتٰمٰی حَتّٰۤی اِذَا بَلَغُوا النِّکَاحَ ۚ فَاِنۡ اٰنَسۡتُمۡ مِّنۡہُمۡ رُشۡدًا فَادۡفَعُوۡۤا اِلَیۡہِمۡ اَمۡوَالَہُمۡ ۚ وَ لَا تَاۡکُلُوۡہَاۤ اِسۡرَافًا وَّ بِدَارًا اَنۡ یَّکۡبَرُوۡا ؕ وَ مَنۡ کَانَ غَنِیًّا فَلۡیَسۡتَعۡفِفۡ ۚ وَ مَنۡ کَانَ فَقِیۡرًا فَلۡیَاۡکُلۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ؕ فَاِذَا دَفَعۡتُمۡ اِلَیۡہِمۡ اَمۡوَالَہُمۡ فَاَشۡہِدُوۡا عَلَیۡہِمۡ ؕ وَ کَفٰی بِاللّٰہِ حَسِیۡبًا ﴿۶﴾ (النساء: ۵، ۶)

(٥) اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) (يعني ننڍي عمر وارن نادان ڇوڪرن جي حوالي نه ڪيو) مگر هيئن ڪيو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پيئاريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجهايو (تعليم ۽ تربيت ڏيو). (٦) ۽ يتيمن جي سنڀال ڪندي انهن کي آزمائيندا رهو (ته هنن جي سمجهه ڪيتري قدر آهي) جيستائين ڪه هو نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ قابليت ۽ سڌارو ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ متان وڏا اجايا خرچ ڪري جلد جلد انهن جو مال کائي کپائي ڇڏيو، انهيءَ خيال کان ته وڏا ٿيندا ( ته مال موٽائي وٺندا. اوهان سنڀاليندڙن مان) جيڪو غني يعني آسودو هجي تنهن کي گهرجي ته (هنن جي مال مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به خرچ ڪرڻ کان) پرهيز ڪري، پر جيڪو مسڪين محتاج هجي سو ان مان ڪجهه پاڻ لاءِ ڪم آڻي، پر انصاف سان مناسب حدن اندر. پوءِ جڏهن هنن جو مال سندن حوالي ڪيو تڏهن ان تي ماڻهن کي شاهد ڪيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ چڱيءَ طرح پورو حساب وٺندڙ آهي.