دنيا ۽ آخرت مان پنهنجو حصو چونڊي وٺو ۽ فساد نه ڪريو
(القصص: ۷۷)
(٧٧) ۽ (قارون کي هيئن به چيائون ته) الله تعاليٰ جيڪو توکي هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان (تون سخاوت ڪري) آخرت جي گهر (يعني جنت) لاءِ تلاش (۽ طلب) ڪر، ۽ دنيا ۾ جيڪو تنهنجو حصو آهي سو به نه ويسار (يعني پنهنجي دولت مان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد ۽ مائٽن جي جسم، دل ۽ دماغ جي سڌاري ۽ واڌاري ۽ خوشحال رهڻ لاءِ به خرچ ڪر) ۽ جيئن الله تعاليٰ توتي احسان ڪيو آهي، تيئن تون به (ماڻهن تي) احسان ڪر ۽ نه (اٽلندو) ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچاءِ، يقيناً الله تعاليٰ فساد ۽ بگاڙو مچائيندڙن کي ناپسند ٿو ڪري.