مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

عورتن کان بيعت

یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ اِذَا جَآءَکَ الۡمُؤۡمِنٰتُ یُبَایِعۡنَکَ عَلٰۤی اَنۡ لَّا یُشۡرِکۡنَ بِاللّٰہِ شَیۡئًا وَّ لَا یَسۡرِقۡنَ وَ لَا یَزۡنِیۡنَ وَ لَا یَقۡتُلۡنَ اَوۡلَادَہُنَّ وَ لَا یَاۡتِیۡنَ بِبُہۡتَانٍ یَّفۡتَرِیۡنَہٗ بَیۡنَ اَیۡدِیۡہِنَّ وَ اَرۡجُلِہِنَّ وَ لَا یَعۡصِیۡنَکَ فِیۡ مَعۡرُوۡفٍ فَبَایِعۡہُنَّ وَ اسۡتَغۡفِرۡ لَہُنَّ اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۲﴾ (الممتحنه: ۱۲)

(١٢) اي نبي! جڏهن مؤمن عورتون (هجرت ڪري) تو وٽ اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون، نه زنا ڪنديون، نه پنهنجن ٻچن کي ڪهنديون، نه پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان (ديده دانسته) تهمت ٺاهي ڪنهن تي هڻنديون ۽ نه ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر. ۽ انهن کي الله جي حفاظت واري نظام ۾ آڻ! بيشڪ الله (ان نظام هيٺ سڀني کي) حفاظت ۾ وٺندڙ نهايت رحم وارو آهي.