مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

شرڪ نه ڪريو

فَلَا تَجۡعَلُوۡا لِلّٰہِ اَنۡدَادًا وَّ اَنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (البقره: ۲۲)

پوءِ (سندس خالقيت، ربوبيت ۽ رحمت ڏسي ڪري) ائين نه ڪيو جو الله سان ٻين هستين کي به شريڪ ڪريو (۽ انهن کي پوڄيو) جڏهن ته توهان ڄاڻو به ٿا (ته خالق ۽ رب فقط، هڪ الله آهي).
****

وَ اعۡبُدُوا اللّٰہَ وَ لَا تُشۡرِکُوۡا بِہٖ شَیۡئًا (النساء: ۳۶)

(٣٦) ۽ (خبردار!) الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ ڪنهن به شيءِ کي ساڻس شريڪ نه ڪيو
****

قُلۡ اِنَّمَاۤ اَنَا بَشَرٌ مِّثۡلُکُمۡ یُوۡحٰۤی اِلَیَّ اَنَّمَاۤ اِلٰـہُکُمۡ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ ۚ فَمَنۡ کَانَ یَرۡجُوۡا لِقَآءَ رَبِّہٖ فَلۡیَعۡمَلۡ عَمَلًا صَالِحًا وَّ لَا یُشۡرِکۡ بِعِبَادَۃِ رَبِّہٖۤ اَحَدًا ﴿۱۱۰﴾٪ (الڪهف: ۱۱۰)

(١١٠) (اي پيغمبر هي به ماڻهن کي) چئي ڇڏ ته، مان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان ته توهان ئي جهڙو هڪ انسان ( آدم جو اولاد) آهيان، (تفاوت فقط هي آهي ته الله تعاليٰ مون ڏي وحي ٿو موڪلي). البته الله تعاليٰ مون ڏي وحي موڪليو آهي (۽ ٻڌايو آهي) ته اوهان جو معبود اهو ئي هڪ (الله) آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. تنهن ڪري جيڪو به پنهنجي پروردگار سان ملڻ جي آرزو (اميد ۽ چاهت) رکي ٿو، تنهن کي گهرجي ته چڱا عمل ڪري ۽ پنهنجي پروردگار جي بندگيءَ ۾ ڪنهن به ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ نه ڪري. (يعني فقط الله جي حڪمن جي پيروي ڪري ۽ سندس حڪمن خلاف شيطان يا ظالمن انسان جي حڪمن تي نه هلي).
****

وَ لَا تَکُوۡنُوۡا مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿ۙ۳۱﴾ (الروم: ۳۱)

۽ مشرڪ نه ٿيو (يعني فقط هڪ الله جا فرمانبردار ٻانها ٿي رهو).
****

قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ تَعَالَوۡا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَ بَیۡنَکُمۡ اَلَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللّٰہَ وَ لَا نُشۡرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّ لَا یَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ ؕ فَاِنۡ تَوَلَّوۡا فَقُوۡلُوا اشۡہَدُوۡا بِاَنَّا مُسۡلِمُوۡنَ ﴿۶۴﴾ (آل عمران: ۶۴)

(٦٤) (اي پيغمبر!) تون (يهودين ۽ عيسائين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب (اختلاف واريون ڳالهيون ڇڏي ڀلا) هن ڳالهه تي اچو جا توهان ۽ اسان وٽ هڪجهڙي قبول پيل آهي، ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيون ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايون ۽ اسان مان هڪڙو انسان ڪنهن ٻئي انسان سان اهڙي هلت نه هلي جو گويا خدا کي ڇڏي ان کي پنهنجو رب بڻايو اٿس. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪرڻ کان به) ڦري وڃن ته پوءِ توهان (مسلمان) کين چئي ڏيو ته شاهد رهو ته (توهان ئي انڪاري آهيو) اسان ته خدا جي اڳيان سر جهڪائڻ وارا آهيون.
****

اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ۚ وَ مَنۡ یُّشۡرِکۡ بِاللّٰہِ فَقَدِ افۡتَرٰۤی اِثۡمًا عَظِیۡمًا ﴿۴۸﴾ اَلَمۡ تَرَ اِلَی الَّذِیۡنَ یُزَکُّوۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ ؕ بَلِ اللّٰہُ یُزَکِّیۡ مَنۡ یَّشَآءُ وَ لَا یُظۡلَمُوۡنَ فَتِیۡلًا ﴿۴۹﴾ اُنۡظُرۡ کَیۡفَ یَفۡتَرُوۡنَ عَلَی اللّٰہِ الۡکَذِبَ ؕ وَ کَفٰی بِہٖۤ اِثۡمًا مُّبِیۡنًا ﴿٪۵۰﴾ (النساء: ۴۸ کان ۵۰)

(٤٨) الله تعاليٰ هي ڳالهه هرگز نه بخشيندو ته ساڻس ڪنهن ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ ڪيو وڃي. (جيئن يهودي ۽ نصاريٰ پوپ، پادرين ۽ راهبن جي فرمانبرداريءَ ۾ هر حڪم جي تعميل ڪندا هئا ۽ کين خدا سان شريڪ ڪندا هئا). پر ان کان سواءِ ٻيا گناهه جيڪڏهن چاهي ته بخشي ڇڏي. جيڪو الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪري ٿو، اهو وڏو گناهه ڪري ٿو ۽ خدا تي جڙتو ڪوڙ هڻي ٿو. (٤٩) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي پاڪائيءَ تي وڏو فخر ڪن ٿا (اهل ڪتاب چون ٿا ته آخرت جو ڇوٽڪارو فقط اسان جي لاءِ آهي، حالانڪ پاڪائي جو مدار نيڪ عملن تي آهي نه يهودي يا عيسائي سڏائڻ تي) هي الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ته جنهن کي چاهي تنهن کي (براين کان) پاڪ ڪري ۽ هو (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) تر جيتري به ڪنهن سان بي انصافي نٿو ڪري. (٥٠) ڏس ته هي ماڻهو ڪيئن نه الله تعاليٰ تي ظاهر ظهور ڪوڙو بهتان هڻن ٿا (ته پاڪائي ۽ ڇوٽڪاري جو مدار يهودين جي جماعت ۾ اچڻ تي آهي.) هنن جي ظاهر ظهور گنهگار هِئڻ لاءِ هيءَ هڪ ئي ڳالهه ڪافي ثابتي آهي.
****

وَ مِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّعۡبُدُ اللّٰہَ عَلٰی حَرۡفٍ ۚ فَاِنۡ اَصَابَہٗ خَیۡرُۨ اطۡمَاَنَّ بِہٖ ۚ وَ اِنۡ اَصَابَتۡہُ فِتۡنَۃُۨ انۡقَلَبَ عَلٰی وَجۡہِہٖ ۟ۚ خَسِرَ الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃَ ؕ ذٰلِکَ ہُوَ الۡخُسۡرَانُ الۡمُبِیۡنُ ﴿۱۱﴾ یَدۡعُوۡا مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مَا لَا یَضُرُّہٗ وَ مَا لَا یَنۡفَعُہٗ ؕ ذٰلِکَ ہُوَ الضَّلٰلُ الۡبَعِیۡدُ ﴿ۚ۱۲﴾ (الحج: ۱۱، ۱۲)

(١١) ۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو الله جي بندگي ته ڪن ٿا پر دل جي ڄمائي سان نٿا ڪن جيڪڏهن هنن کي ڪو فائدو ٿو پهچي ته دل کي آرام اچين ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن (تڪليف جي) آزمائش ۾ پون ٿا ته پٺي ڏئي پنهنجي (ڪفر جي) حالت ڏي موٽي پون ٿا. هو دنيا ۾ به نامراد ٿين ٿا ۽ آخرت ۾ به. ۽ اهائي ظاهر ظهور نامرادي آهي. (١٢) هو الله کي ڇڏي انهن شين کي (پنهنجي حاجت روائيءَ لاءِ) سڏين ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نڪي فائدو. اهائي گمراهي آهي جا سڀني کان وڌيڪ اونهي گمراهي آهي.
****

وَ اِذۡ قَالَ لُقۡمٰنُ لِابۡنِہٖ وَ ہُوَ یَعِظُہٗ یٰبُنَیَّ لَا تُشۡرِکۡ بِاللّٰہِ ؕؔ اِنَّ الشِّرۡکَ لَظُلۡمٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۳﴾
(لقمان: ۱۳)

(١٣) ۽ ڏسو (لقمان جي حڪمت) هن پنهنجي پٽ کي نصيحتون ڪندي چيو ته، اي منهنجا پٽ الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجانءِ (يعني الله جي قانونن ۽ حڪمن جي خلاف ڪنهن جو به حڪم نه مڃجانءِ) يقيناً شرڪ تمام وڏو ظلم آهي.
****
وَ اِنۡ جَاہَدٰکَ عَلٰۤی اَنۡ تُشۡرِکَ بِیۡ مَا لَیۡسَ لَکَ بِہٖ عِلۡمٌ ۙ فَلَا تُطِعۡہُمَا (لقمان: ۱۵)
(١٥) ۽ جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور بار رکن ته مون سان ٻين کي شريڪ ڪر، جنهن ڳالهه بابت توکي علم ئي ڪونهي ته پوءِ انهيءَ ڳالهه ۾ سندن تابعداري نه ڪر
****

وَ لَقَدۡ اُوۡحِیَ اِلَیۡکَ وَ اِلَی الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکَ ۚ لَئِنۡ اَشۡرَکۡتَ لَیَحۡبَطَنَّ عَمَلُکَ وَ لَتَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡخٰسِرِیۡنَ ﴿۶۵﴾ (الزمر: ۶۵)

(٦٥) پر حقيقت هيءَ آهي ته، (اي پيغمبر!) توڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته جيڪڏهن تون شرڪ ڪندين (يعني خدا جي حڪمن کي ڇڏي شيطان جي واٽ وٺندين) ته تنهنجا عمل ضايع ٿي ويندا ۽ تون وڏي نقصان هيٺ اچي ويندين.
****

وَ لَا تَجۡعَلُوۡا مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ ؕ اِنِّیۡ لَکُمۡ مِّنۡہُ نَذِیۡرٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۚ۵۱﴾ (الذاريات: ۵۱)

(٥١) ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي معبود نه بنايو. يقيناً مان (محمدﷺ) وٽائنس اوهان ڏي چٽو چٽو خبردار ڪندڙ ٿي آيو آهيان.