مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

اختلافن ۽ مونجهارن کي ختم ڪرڻ جو حل

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوا الرَّسُوۡلَ وَ اُولِی الۡاَمۡرِ مِنۡکُمۡ ۚ فَاِنۡ تَنَازَعۡتُمۡ فِیۡ شَیۡءٍ فَرُدُّوۡہُ اِلَی اللّٰہِ وَ الرَّسُوۡلِ اِنۡ کُنۡتُمۡ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ ؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ وَّ اَحۡسَنُ تَاۡوِیۡلًا ﴿٪۵۹﴾ (النساء: ۵۹)

(٥٩) مؤمنؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو، الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (انهن ماڻهن جي فرمانبرداري ڪيو) جيڪي اوهان ۾ حاڪم ۽ اختيار رکندڙ هجن، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه بابت اختلاف ۽ جهڳڙو ڪيو ته الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو (۽ جيڪو فيصلو اتان ملي ان کي قبول ڪري ان جي تعميل ڪريو) جيڪڏهن توهان سچ پچ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو (ته ضرور ائين ڪيو) انهيءَ ۾ توهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي ۽ ( ان جي پڇاڙي چڱي آهي) ۽ ان مان نتيجو تمام سهڻو نڪري ٿو.

****

وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنَا مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا لِیُطَاعَ بِاِذۡنِ اللّٰہِ ؕ وَ لَوۡ اَنَّہُمۡ اِذۡ ظَّلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ جَآءُوۡکَ فَاسۡتَغۡفَرُوا اللّٰہَ وَ اسۡتَغۡفَرَ لَہُمُ الرَّسُوۡلُ لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا رَّحِیۡمًا ﴿۶۴﴾
(النساء: ۶۴)

(٦٤) ۽ (اي پيغمبر! نه رڳو توکي پر) جنهن کي به اسان دنيا ۾ رسول ڪري موڪليو، سو هن لاءِ ته اسان جي حڪم سان سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي. ۽ جڏهن هنن ماڻهن (تنهنجي نافرماني ڪري) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو ۽ نقصان پهچايو تڏهن جيڪر تو وٽ اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ۽ پڻ خدا جو رسول هنن جي معافيءَ لاءِ خدا کان دعا گهري ها ته هي ماڻهو ڏسن ها ته خدا بيشڪ توبه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي.
****

فَلَا وَ رَبِّکَ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ حَتّٰی یُحَکِّمُوۡکَ فِیۡمَا شَجَرَ بَیۡنَہُمۡ ثُمَّ لَا یَجِدُوۡا فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمۡ حَرَجًا مِّمَّا قَضَیۡتَ وَ یُسَلِّمُوۡا تَسۡلِیۡمًا ﴿۶۵﴾ (النساء: ۶۵)

(٦٥) (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار هن ڳالهه تي شاهد آهي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به مؤمن ٿي نه سگهندا جيستائين ڪه توکي پنهنجن جهيڙن ۽ معاملن ۾ حاڪم ۽ منصف ڪن (پڻ هنن جي دلين جي حالت به اهڙي ٿئي جو) جيڪو فيصلو تون ڪرين ان جي خلاف هنن جي دلين ۾ ڪو کٽڪو پيدا نه ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح مڃن جنهن کي پورو پورو مڃڻ چئي سگهجي.

****
مَنۡ یُّطِعِ الرَّسُوۡلَ فَقَدۡ اَطَاعَ اللّٰہَ ۚ وَ مَنۡ تَوَلّٰی فَمَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ عَلَیۡہِمۡ حَفِیۡظًا ﴿ؕ۸۰﴾
(النساء: ۸۰)

(٨٠) جنهن رسول پاڪ جي فرمانبرداري ڪئي تنهن في الحقيقت الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن (تنهنجي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو ته پوءِ (اي پيغمبر!) اسان توکي مٿس نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي (جو تون هن کي زور سان پنهنجي فرمانبرداري ڪرائين).