مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مؤمن ٻانهين سان نڪاح جي اجازت

وَ مَنۡ لَّمۡ یَسۡتَطِعۡ مِنۡکُمۡ طَوۡلًا اَنۡ یَّنۡکِحَ الۡمُحۡصَنٰتِ الۡمُؤۡمِنٰتِ فَمِنۡ مَّا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُکُمۡ مِّنۡ فَتَیٰتِکُمُ الۡمُؤۡمِنٰتِ ؕ وَ اللّٰہُ اَعۡلَمُ بِاِیۡمَانِکُمۡ ؕ بَعۡضُکُمۡ مِّنۡۢ بَعۡضٍ ۚ فَانۡکِحُوۡہُنَّ بِاِذۡنِ اَہۡلِہِنَّ وَ اٰتُوۡہُنَّ اُجُوۡرَہُنَّ بِالۡمَعۡرُوۡفِ مُحۡصَنٰتٍ غَیۡرَ مُسٰفِحٰتٍ وَّ لَا مُتَّخِذٰتِ اَخۡدَانٍ ۚ فَاِذَاۤ اُحۡصِنَّ فَاِنۡ اَتَیۡنَ بِفَاحِشَۃٍ فَعَلَیۡہِنَّ نِصۡفُ مَا عَلَی الۡمُحۡصَنٰتِ مِنَ الۡعَذَابِ ؕ ذٰلِکَ لِمَنۡ خَشِیَ الۡعَنَتَ مِنۡکُمۡ ؕ وَ اَنۡ تَصۡبِرُوۡا خَیۡرٌ لَّکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿٪۲۵﴾ (النساء: ۲۵)

(٢٥) ۽ جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي اها طاقت نه هجي جو آزاد مؤمن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ٿو، جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) توهان جي قبضي ۾ آيون هجن ۽ مؤمن هجن. (غلام عورت سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب يا گهٽتائي ڪانهي. اصل ڳالهه آهي ايمان) سو الله تعاليٰ اوهان جي ايمان جي حقيقت بهتر ڄاڻندڙ آهي (ممڪن آهي ته هڪ مؤمن ٻانهي ايمان جي لحاظ کان بهتر درجو رکندڙ هجي، هڪ شريف زادي کان جا ايماني خصلتن کان محروم هجي) ۽ توهان سڀ هڪ ٻئي سان هڪ جنس آهيو. (ٻانها ۽ ٻانهيون به ٻين وانگر انسان آهن) پوءِ ڀلي اهڙين غلام عورتن کي انهن جي مالڪن جي اجازت سان پنهنجي نڪاح ۾ آڻيو ۽ دستور موجب انهن کي مهر ڏيو.هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته اهي (ٻانهيون) نڪاح جي قيد اندر پاڪ دامن ٿي رهن، بدڪار نه ٿين نه ڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪندڙ هجن. پوءِ جيڪڏهن نڪاح ۾ اچڻ بعد انهن مان ڪا فاحش ڪم ڪري ته هن لاءِ انهيءَ سزا جو اڌ آهي جا آزاد عورتن لاءِ مقرر آهي. هي حڪم انهن ماڻهن لاءِ آهي جن کي انديشو هجي ته (نڪاح نه ڪرڻ جي ڪري) نقصان يا گناهن ۾ پئجي ويندا. ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (۽ بهتر حالتن لاءِ ترسو) ته توهان جي لاءِ بهتر آهي ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.