مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

صرف هڪ الله جو خوف ۽ عبادت

یُنَزِّلُ الۡمَلٰٓئِکَۃَ بِالرُّوۡحِ مِنۡ اَمۡرِہٖ عَلٰی مَنۡ یَّشَآءُ مِنۡ عِبَادِہٖۤ اَنۡ اَنۡذِرُوۡۤا اَنَّہٗ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّاۤ اَنَا فَاتَّقُوۡنِ ﴿۲﴾ (النحل: ۲)

(٢) هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي ٿو تنهن ڏانهن پنهنجي حڪم سان فرشتن کي الروح (يعني وحي) سان موڪلي ٿو. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي هن حقيقت بابت خبردار ڪري ته مون الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي تنهن ڪري مون کان ڊڄو (۽ انڪار ۽ بدعمليءَ کان باز اچو.)