مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

شڪ نه ڪريو

اَلۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکَ فَلَا تَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡمُمۡتَرِیۡنَ ﴿۱۴۷﴾٪ (البقره: ۱۴۷)

(١٤٧) يقين ڪيو ته (هي قبلي ڦيرائڻ وارو حڪم) اوهان جي پروردگار جي طرف کان حق جو امر آهي. پوءِ متان شڪ آڻڻ وارن منجهان ٿيو.
****

اَلۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکَ فَلَا تَکُنۡ مِّنَ الۡمُمۡتَرِیۡنَ ﴿۶۰﴾ (آل عمران: ۶۰)

(٦٠) (اي پيغمبر! حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ بابت جيڪي توکي چيو ويو آهي سو) تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق آهي. تنهن ڪري متان شڪ آڻيندڙن منجهان ٿئين. (عيسائي حضرت عيسيٰ کي خدا ڪري مڃن ٿا، پر هو انسان هو.)
****

وَ الَّذِیۡنَ اٰتَیۡنٰہُمُ الۡکِتٰبَ یَعۡلَمُوۡنَ اَنَّہٗ مُنَزَّلٌ مِّنۡ رَّبِّکَ بِالۡحَقِّ فَلَا تَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡمُمۡتَرِیۡنَ ﴿۱۱۴﴾ (الانعام: ۱۱۴)

۽ (ڏسو) جن ماڻهن کي (توهان کان اڳي) اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته قرآن اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائيءَ سان نازل ٿيو آهي. پوءِ انهن ماڻهن مان نه ٿيو جي (خدا جي فيصلي بابت) شڪ آڻيندڙ آهن.
****

فَاِنۡ کُنۡتَ فِیۡ شَکٍّ مِّمَّاۤ اَنۡزَلۡنَاۤ اِلَیۡکَ فَسۡـَٔلِ الَّذِیۡنَ یَقۡرَءُوۡنَ الۡکِتٰبَ مِنۡ قَبۡلِکَ ۚ لَقَدۡ جَآءَکَ الۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکَ فَلَا تَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡمُمۡتَرِیۡنَ ﴿ۙ۹۴﴾
(يونس: ۹۴)

(٩٤) ۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڳالهه ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي جيڪا اسان اوهان تي نازل ڪئي آهي ته انهن ماڻهن کان پڇي ڏسو جيڪي اوهان جي زماني کان اڳ جا (خدائي) ڪتاب پڙهندا رهن ٿا (يعني اهل ڪتاب کان پڇي ڏسو) ته يقيناً هي حق آهي جو اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي. تنهن ڪري هرگز ائين نه ڪجو جو شڪ آڻيندڙ ٿي پئو.