تور کي گهٽ نه ڪريو
(٧) ۽ آسمان کي هن ئي بلند ڪيو آهي، ۽ (قانون عدل ۽ اعتدال جي) تارازي بيهاري اٿس. (٨) انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو. (٩) ۽ (اي انسانو! هڪ ٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو.