تصديق کان سواءِ ڳالهه ڦهلائڻ جي منع
۽ جڏهن هنن ماڻهن وٽ امن جي يا خوف جي ڪابه خبر اچي ٿي تڏهن هڪدم ان کي ماڻهن ۾ مشهور ڪن ٿا. جيڪڏهن هو ان (ماڻهن ۾ مشهور ڪرڻ بدران) الله جي رسول ۽ اختياريءَ وارن وٽ پيش ڪن ها ته پوءِ جيڪي انهن مان ان ڳالهه جو اڳ پوءِ جاچيندڙ آهن سي سڄي حقيقت سمجهي وٺن ها (۽ عوام ۾ اهو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها۽ عوام ۾ اجايو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها)