مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

صبر ۽ ثابت قدمي رسولن جو طريقو آهي

فَاصۡبِرۡ کَمَا صَبَرَ اُولُوا الۡعَزۡمِ مِنَ الرُّسُلِ وَ لَا تَسۡتَعۡجِلۡ لَّہُمۡ ؕ کَاَنَّہُمۡ یَوۡمَ
یَرَوۡنَ مَا یُوۡعَدُوۡنَ ۙ لَمۡ یَلۡبَثُوۡۤا اِلَّا سَاعَۃً مِّنۡ نَّہَارٍ ؕ بَلٰغٌ ۚ فَہَلۡ یُہۡلَکُ
اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿٪۳۵﴾ (الاحقاف: ۳۵)

(٣٥) سو (اي پيغمبر!) تون صبر ڪر ۽ ثابت قدم رهه، جيئن اڳوڻا عالي همت رسول ثابت قدم رهيا. ۽ هنن (ڪافرن) بابت تڪڙ نه ڪر، ڇو ته هي ماڻهو جنهن ڏينهن اهو (عذاب) ڏسندا جنهن جو کين واعدو ڏنل آهي (تنهن ڏينهن ائين پيو معلوم ٿيندو ته ڄڻ ته) هو ڏينهن جي به ڪا گهڙي مس ترسيا هئا. (تنهنجو ڪم آهي فقط) پيغام پهچائڻ. (ياد رکو ته) فقط اهي ئي تباهه ٿيندا جيڪي (خدا جا) نافرمان باغي هئا.