مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نماز، تبليغ ۽ صبر جو حڪم

یٰبُنَیَّ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ وَ اۡمُرۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ انۡہَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ اصۡبِرۡ عَلٰی مَاۤ
اَصَابَکَ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ مِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿ۚ۱۷﴾ (لقمان: ۱۷)

(١٧) اي منهنجا پٽ! تون نماز قائم رک (۽ الله تعاليٰ جي اڳيان جهڪي پؤ) ۽ نيڪين جو حڪم ڏيندو رهه ۽ برائين کان منع ڪندو رهه ۽ (انهيءَ ڪم ۾) توکي تڪليفون درپيش اچن ته به صبر سان ثابت قدم رهه. بيشڪ ائين ڪرڻ وڏي همت ۽ استقلال جو ڪم آهي.