صبر ۽ ڀلائي جو ٻٽو بدلو
وَ مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ﴿۵۴﴾ (القصص: ۵۴)
(٥٤) انهن ماڻهن کي ٻيڻو اجر ملندو، ڇو ته هو حق تي محڪم رهيا (پنهنجي قوم جي دشمني سر تي کڻي به قرآن تي ايمان آندائون ۽ سختيون صبر سان سٺائون) ۽ هو برائي کي نيڪيءَ سان دور ڪري ٿا ڇڏين ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه خدا جي راهه ۾) خرچ ٿا ڪن.
****
قُلۡ یٰعِبَادِ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوۡا رَبَّکُمۡ ؕ لِلَّذِیۡنَ اَحۡسَنُوۡا فِیۡ ہٰذِہِ الدُّنۡیَا حَسَنَۃٌ ؕ وَ اَرۡضُ اللّٰہِ وَاسِعَۃٌ ؕ اِنَّمَا یُوَفَّی الصّٰبِرُوۡنَ اَجۡرَہُمۡ بِغَیۡرِ حِسَابٍ ﴿۱۰﴾ (الزمر: ۱۰)
(١٠) (اي پيغمبر!) چؤ ته، اي (خدا جا) مؤمن بندؤ پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو هن دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو نيڪ عمل ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏي چڱائي ۽ اجر آهي. ۽ (ياد رکو ته) الله جي زمين ڪشادي آهي، (پنهنجي وطن ۾ چڱايون ڪري نٿا سگهو ته ٻئي پاسي هليا وڃو) جيڪي ماڻهو (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) صبر سان ثابت قدم رهن ٿا تن کي يقيناً بي انداز اجر ۽ انعام ملندو.
****
قَالُوۡۤا ءَاِنَّکَ لَاَنۡتَ یُوۡسُفُ ؕ قَالَ اَنَا یُوۡسُفُ وَ ہٰذَاۤ اَخِیۡ ۫ قَدۡ مَنَّ اللّٰہُ عَلَیۡنَا ؕ اِنَّہٗ مَنۡ یَّـتَّقِ وَ یَصۡبِرۡ فَاِنَّ اللّٰہَ لَا یُضِیۡعُ اَجۡرَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۹۰﴾ (يوسف: ۹۰)
(٩٠) (هي ٻڌي ڀائر حيران ٿي ويا ۽ هاڻي عزيز جي شڪل ۽ آواز تي غور ڪري سمجهي ورتائون ۽) چيائون ته، ڇا في الحقيقت تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو ته، هائو مان يوسف آهيان ۽ هي (بن يامين) منهنجو ڀاءُ آهي. تحقيق الله تعاليٰ اسان تي احسان ڪيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به برائين کان پاڻ بچائي ٿو ۽ (مصيبتن ۾) ثابت قدم رهي ٿو تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عملن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿو ڪري.