مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

بخل نه ڪريو

وَ لَا یَحۡسَبَنَّ الَّذِیۡنَ یَبۡخَلُوۡنَ بِمَاۤ اٰتٰہُمُ اللّٰہُ مِنۡ فَضۡلِہٖ ہُوَ خَیۡرًا لَّہُمۡ ؕ بَلۡ ہُوَ شَرٌّ لَّہُمۡ ؕ سَیُطَوَّقُوۡنَ مَا بَخِلُوۡا بِہٖ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ (آل عمران: ۱۸۰)

(١٨٠) جن ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان رزق ڏنو آهي ۽ هو اهو مال خرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسائي ڪن ٿا سي ائين نه سمجهن ته ائين ڪرڻ سان هنن کي ڪا چڱائي رسندي. (نه نه) بلڪ ان مان هنن لاءِ وڏي برائي آهي. جلد قيامت جي ڏينهن اهو مال متاع جنهن کي گڏ ڪري روڪي رکڻ لاءِ ڪنجوسائي ڪن ٿا، تنهن مان (عذابن جو) ڳٽ ٺاهي هنن جي ڳچين ۾ وڌو ويندو
****

وَ اَمَّا مَنۡۢ بَخِلَ وَ اسۡتَغۡنٰی ۙ﴿۸﴾ وَ کَذَّبَ بِالۡحُسۡنٰی ۙ﴿۹﴾ فَسَنُیَسِّرُہٗ لِلۡعُسۡرٰی ﴿ؕ۱۰﴾ وَ مَا یُغۡنِیۡ عَنۡہُ مَا لُہٗۤ اِذَا تَرَدّٰی ﴿ؕ۱۱﴾ (الليل: ۸ کان ۱۱)

(٨) ۽ جنهن شخص بخيليءَ جي واٽ ورتي ۽ بي پرواهي ڪئي. (٩) ۽ (هن دنيا ۾ الله جي بيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو. (١٠) ته ان کي (پنهنجي گرفت واري قانون سان) تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسون. (١١) ۽ سندس مال ان کي ڪم نه ايندو، جڏهن هو (تباهين جي) کڏ ۾ ڪرندو.