فساد نه ڪريو
(٥٦) (اهڙي دعا زمين تي سڌارو ۽ امن امان پيدا ڪندڙ آهي) ۽ توهان (اي انسانو!) متان درستي انتظام ۽ امن امان بعد زمين تي فساد ۽ خرابيون پيدا ڪيو.
****
وَ لَا تُفۡسِدُوۡا فِی الۡاَرۡضِ بَعۡدَ اِصۡلَاحِہَا ؕ ذٰلِکُمۡ خَیۡرٌ لَّکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿ۚ۸۵﴾
(الاعراف: ۸۵)
۽ ملڪ ۾ صلح امن امان ۽ انتظام هئڻ بعد وري فساد نه پکيڙيو. توهان ۾ جيڪڏهن ايمان هجي ته ان ۾ (يعني مٿين حڪمن مڃڻ ۾) توهان جي لاءِ گهڻي چڱائي ۽ بهتري آهي.