مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

دشمن جي مقابلي ۾ به حد کان نه لنگهجو

فَاسۡتَقِمۡ کَمَاۤ اُمِرۡتَ وَ مَنۡ تَابَ مَعَکَ وَ لَا تَطۡغَوۡا ؕ اِنَّہٗ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۱۱۲﴾
(هود: ۱۱۲)

(١١٢) تنهن ڪري توکي گهرجي ته جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح تون ۽ اُهي سڀ جيڪي (خدا ڏي) موٽي توسان شامل ٿيا آهن، (حق جي راهه تي) مضبوط ۽ محڪم ٿي وڃو ۽ حدن کان ٻاهر نه وڃو، يقين ڪيو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو خدا ڏسي رهيو آهي.