مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ٻئي کي ايذائڻ ۽ تڪليف ڏيڻ کان منع

وَ الَّذِیۡنَ یُؤۡذُوۡنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتِ بِغَیۡرِ مَا اکۡتَسَبُوۡا فَقَدِ احۡتَمَلُوۡا بُہۡتَانًا وَّ اِثۡمًا مُّبِیۡنًا ﴿٪۵۸﴾ (الاحزاب: ۵۸)

۽ جيڪي ماڻهو مؤمنن کي ۽ مؤمنياڻين کي بنا سندن (گناهه يا ڏوهه) ڪرڻ جي (ناحق) ايذاءُ پهچائين ٿا ۽ تڪليفون ڏين ٿا سي وڏي بهتان ۽ چٽي پٽي گناهه جو بار پنهنجي سر تي کڻن ٿا.