مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

اهلِ ڪتاب سان ٽڪراءُ

وَ لَا تُجَادِلُوۡۤا اَہۡلَ الۡکِتٰبِ اِلَّا بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ٭ۖ اِلَّا الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا مِنۡہُمۡ وَ قُوۡلُوۡۤا اٰمَنَّا بِالَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡنَا وَ اُنۡزِلَ اِلَیۡکُمۡ وَ اِلٰـہُنَا وَ اِلٰـہُکُمۡ وَاحِدٌ وَّ نَحۡنُ
لَہٗ مُسۡلِمُوۡنَ ﴿۴۶﴾ (العنڪبوت: ۴۶)

(٤٦) ۽ (اي مسلمانو) ڪتاب وارن سان بحث مباحثو نه ڪيو، پر (هنن کي سمجهائڻ لاءِ) اهڙو طريقو وٺو جو نهايت عمدو، سهڻو (۽ دل ڇڪيندڙ) هجي، پر جيڪڏهن انهن مان ڪي ظلم ڪندڙ هجن (يعني ٻين کي ناحق ايذائيندا هجن ته پوءِ انهن کي باز آڻڻ لاءِ بيشڪ مناسب اپاءَ وٺو) ۽ (ڪتاب وارن کي) چئو ته اسان انهيءَ (قرآن) تي به ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهن (ڪتابن) تي به ايمان آندو آهي جيڪي اوهان تي نازل ٿيا آهن. ۽ (اسان جو پڪو ايمان اهي ته) اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود ساڳيو ئي هڪ الله آهي. ۽ اسان سندس ئي فرمانبردار ٻانها آهيون. (اوهان به سندس فرمانبردار ٻانها ٿي رهو).