ضرورت جي وقت تيمم ڪرڻ
۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پائخانه مان فارغ ٿي نڪري يا توهان عورت سان همبستر ٿيا هجو ۽ (وضو ۽ غسل جي لاءِ) پاڻي نه ملي ته پاڪ زمين کان ڪم وٺو (زمين تي هٿ لڳائي) منهن ۽ هٿن جي مٿان گهمايو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي.