مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

زمين ۾ فساد نه ڪريو

وَ لَا تُفۡسِدُوۡا فِی الۡاَرۡضِ بَعۡدَ اِصۡلَاحِہَا وَ ادۡعُوۡہُ خَوۡفًا وَّ طَمَعًا ؕ اِنَّ رَحۡمَتَ اللّٰہِ قَرِیۡبٌ مِّنَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۵۶﴾ (الاعراف: ۵۶)

(٥٦) (اهڙي دعا زمين تي سڌارو ۽ امن امان پيدا ڪندڙ آهي) ۽ توهان (اي انسانو!) متان درستي انتظام ۽ امن امان بعد زمين تي فساد ۽ خرابيون پيدا ڪيو (ان لاءِ ضروري آهي ته) الله تعاليٰ کي خوف ۽ اميد جا جذبا رکي پڪاريو. (خوف اهو رکو ته متان اوهان کان خدا جي نافرمانيءَ جو ڪو ڪم ٿي وڃي ۽ اميد اها رکو ته چڱن ڪمن لاءِ توهان کي برڪتون نصيب ٿينديون) بيشڪ الله جي رحمت نيڪيون ڪندڙن کي بلڪل ويجهي آهي.

****

وَ الَّذِیۡنَ یَنۡقُضُوۡنَ عَہۡدَ اللّٰہِ مِنۡۢ بَعۡدِ مِیۡثَاقِہٖ وَ یَقۡطَعُوۡنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰہُ بِہٖۤ اَنۡ یُّوۡصَلَ وَ یُفۡسِدُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ ۙ اُولٰٓئِکَ لَہُمُ اللَّعۡنَۃُ وَ لَہُمۡ سُوۡٓءُ الدَّارِ ﴿۲۵﴾
(الرعد: ۲۵)

(٢٥) ۽ جن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله جو عهد مضبوط ڪرڻ بعد وري ان کي ٽوڙي ٿا ڇڏين ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تن کي ڪپي ٿا ڇڏين ۽ ملڪ ۾ شرارتون ۽ فساد ڪندا ٿا رهن سي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ لعنت آهي ۽ بري رهڻ جي جاءِ آهي، (يعني دوزخ ۾ داخل ٿيندا).