هي نه چئو ته سڀاڻي ڪندس
(٢٣) ۽ ڪابه ڳالهه هجي ته ائين ڪڏهن به نه چئو ته، سڀاڻي مان اهو ڪم ڪري ڇڏيندس. (٢٤) سواءِ هن جي جو سمجهي ڇڏيو ته ٿيندو اهوئي جو الله تعاليٰ چاهيندو ۽ جڏهن ويسر ٿيئوَ ته وري الله جي يادگيري تازي ڪري چئو ته، اميد آهي ته منهنجو پروردگار هن کان به زياده ڪاميابيءَ جي راهه منهنجي لاءِ کولي ڇڏيندو.