مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

انهن سان دوستي نه رکو جن تي خدا ڪاوڙيو آهي

اَلَمۡ تَرَ اِلَی الَّذِیۡنَ تَوَلَّوۡا قَوۡمًا غَضِبَ اللّٰہُ عَلَیۡہِمۡ ؕ مَا ہُمۡ مِّنۡکُمۡ وَ لَا مِنۡہُمۡ ۙ
وَ یَحۡلِفُوۡنَ عَلَی الۡکَذِبِ وَ ہُمۡ یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۴﴾ (المجادله: ۱۴)

(١٤) (اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءِ جي ڪري) الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه (حقيقت ۾) اوهان مان آهن ۽ نه (کليو کلايو) انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان سان سچي هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا.