سفر ۾ گروي رکڻ جي اجازت
(٢٨٣) ۽ جيڪڏهن توهان سفر ۾ هجو ۽ (دستاويز لکڻ لاءِ) ڪاتب نه لڀي ته پوءِ ڪا شيءِ گروي طور قبضي ۾ ڏني وڃي، پر جيڪڏهن توهان مان هڪڙو ماڻهو ٻئي تي اعتبار رکي ته پوءِ جنهن تي اعتبار رکيو ويو هجي سو (وقت اچڻ تي) امانت واپس ڪري ۽ پنهنجي پروردگار الله جو خوف رکي (ضرور امانت واپس ڏئي) ۽ خبردار! شاهدي ڪڏهن به نه لڪايو (ڪهڙو به خوف خطرو هجي، ڪهڙي به لالچ ملي ته به سچي شاهدي ڏيو) جيڪو شاهدي لڪائيندو سو پنهنجي دل ۾ گنهگار ٿيندو (سندس دل ڪاري ٿيندي) ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي (هو ضرور باز پرس ڪندو).