مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪافرن وانگر نه ٿيو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَکُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا وَ قَالُوۡا لِاِخۡوَانِہِمۡ اِذَا ضَرَبُوۡا فِی الۡاَرۡضِ اَوۡ کَانُوۡا غُزًّی لَّوۡ کَانُوۡا عِنۡدَنَا مَا مَاتُوۡا وَ مَا قُتِلُوۡا ۚ لِیَجۡعَلَ اللّٰہُ ذٰلِکَ حَسۡرَۃً فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ ؕ وَ اللّٰہُ یُحۡیٖ وَ یُمِیۡتُ ؕ وَ اللّٰہُ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ بَصِیۡرٌ ﴿۱۵۶﴾
(آل عمران: ۱۵۶)

(١٥٦) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن وانگر نه ٿيو جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ جڏهن سندن ڀائر ڪنهن سفر تي وڃن ٿا يا لڙائي ڪن ٿا ۽ اهي مري يا مارجي وڃن ٿا ته پوءِ اهي چوڻ لڳن ٿا ته جيڪڏهن هو اسان وٽ هجن ها ته نڪي مرن ها، نڪي مارجن ها. (خدا پرستن جي دلين ۾ اهڙا غلط خيال خطرا نه ٿا اچن ۽ هي ڳالهه جا توهان کي چئي وئي سا هن لاءِ ته) انهيءَ ڳالهه کي (يعني اوهان جي بي خوفي ۽ ايمان جي مضبوطيءَ کي) الله تعاليٰ ڪافرن جي دلين لاءِ حسرت ۽ ارمان بڻائي (ته ڪنهن به حالت ۾ اوهان کي بي همت نه ڪري سگهن. ياد رکو ته) الله ئي زندهه رکندڙ ۽ ماريندڙ آهي ۽ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڏسي ٿو.