الله تي توڪل رکندڙ ماڻهو
(٩٩) ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارا آهن ۽ پنهنجي پروردگار تي ڀروسو ٿا رکن تن تي سندس زور يا حڪم هرگز ڪونه هلندو. (١٠٠) هن (شيطان) جو زور ته انهن تي ٿو هلي جيڪي کيس پنهنجو رفيق ٿا بنائين ۽ جيڪي هن جي ڪري شرڪ ٿا ڪن.
****
اِنۡ یَّنۡصُرۡکُمُ اللّٰہُ فَلَا غَالِبَ لَکُمۡ ۚ وَ اِنۡ یَّخۡذُلۡکُمۡ فَمَنۡ ذَا الَّذِیۡ یَنۡصُرُکُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِہٖ ؕ وَ عَلَی اللّٰہِ فَلۡیَتَوَکَّلِ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ﴿۱۶۰﴾ (آل عمران: ۱۶۰)
(١٦٠) (مسلمانو!) جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ته ڪوبه توهان تي غالب نه پوندو ۽ جيڪڏهن هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو ته پوءِ ڪير آهي جو هن جي ڇڏي ڏيڻ بعد اوهان جي مدد ڪري سگهندو؟ تنهن ڪري مؤمنن کي گهرجي ته فقط الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن (۽ حق جي راهه تي ثابت قدم رهن).
****
فَتَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ ؕ اِنَّکَ عَلَی الۡحَقِّ الۡمُبِیۡنِ ﴿۷۹﴾ (النمل: ۷۹)
(٧٩) سو (اي منهنجا پيغمبر!) الله تي ڀروسو رک. يقيناً تون صريح (يعني چٽي) حق تي آهين، (ڪافر باطل تي آهن، تون سندن پرواهه نه ڪر. الله تعاليٰ تنهنجي مدد ڪندو.)
****
وَ قَالَ یٰبَنِیَّ لَا تَدۡخُلُوۡا مِنۡۢ بَابٍ وَّاحِدٍ وَّ ادۡخُلُوۡا مِنۡ اَبۡوَابٍ مُّتَفَرِّقَۃٍ ؕ وَ مَاۤ اُغۡنِیۡ عَنۡکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ مِنۡ شَیۡءٍ ؕ اِنِ الۡحُکۡمُ اِلَّا لِلّٰہِ ؕ عَلَیۡہِ تَوَکَّلۡتُ ۚ وَ عَلَیۡہِ فَلۡیَتَوَکَّلِ الۡمُتَوَکِّلُوۡنَ ﴿۶۷﴾ (يوسف: ۶۷)
(٦٧) ۽ پيءُ هنن کي (رواني ٿيڻ وقت) چيو ته، اي منهنجا پٽؤ! (ڏسو جڏهن مصر ۾ پهچو تڏهن شهر جي) هڪ ئي دوازي مان داخل نه ٿجو. جدا جدا دوروازن مان داخل ٿجو. مان توهان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه کان بچائي نٿو سگهان جا الله جي حڪم سان ٿيڻي هجي. (پر پاڻ کي پنهنجي وس آهر سڀ تدبيرون ڪرڻ گهرجن) حڪومت فقط الله جي آهي. مان فقط مٿس ڀروسو رکيو آهي. ۽ اهوئي آهي جنهن تي سڀني ڀروسو رکندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.