مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

سلام جو جواب ڏيڻ

وَ اِذَا حُیِّیۡتُمۡ بِتَحِیَّۃٍ فَحَیُّوۡا بِاَحۡسَنَ مِنۡہَاۤ اَوۡ رُدُّوۡہَا ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ عَلٰی کُلِّ
شَیۡءٍ حَسِیۡبًا ﴿۸۶﴾ (النساء: ۸۶)

(٨٦) ۽ (اي مؤمنؤ) جڏهن توهان کي دعا جو سلام ڪيو وڃي تڏهن توهان ان کان به بهتر دعا جا الفاظ جوابي سلام ۾ ڪم آڻيو يا (ڪم از ڪم) ساڳيا لفظ موٽائي چئو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ جو حساب وٺندڙ آهي.